درويش مريد بلوچ

درويش مريد بلوچ: ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ مولانا دين محمد وفائي ڄاڻائي ٿو ته: درويش مريد بلوچ، مخدوم نوح جي مريدن مان صاحب ڪمال بزرگ ٿي گذريو آهي. هن درويش جون ڪرامتون مشهور آهن. هن جي زبان تي هميشه ’لاالھٰ الاالله‘ جو ڪلمو جاري رهندو هو ۽ ڪڏهن به ذڪر کان فارغ نه رهندو هو. تتيءَ ٿڌيءَ وڏي آواز سان ذڪر پيو ڪندو هو. هي درويش يارهين صدي هجري / سترهين صدي عيسويءَ جو نامور بزرگ ٿي گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو